7 پوءِ ھو اتان روانو ٿي ھڪڙي شخص طيطس يوستس جي گھر اچي ٽڪيو، جيڪو خداترس ھو ۽ جنھن جو گھر يھودي عبادتخاني جي ڀرسان ھو.
8 عبادتخاني جي اڳواڻ ڪرسپس ۽ سندس سڄي ڪٽنب خداوند تي ايمان آندو ۽ ٻين بہ ڪيترن ئي ڪرنٿين پولس جي ڳالھہ ٻڌي ايمان آندو ۽ بپتسما ورتائون.
9 ھڪڙيءَ رات پولس رويا ڏٺي جنھن ۾ خداوند کيس چيو تہ ”ڊڄ نہ ۽ نڪي ٻڌائڻ کان بس ڪر،
10 ڇالاءِجو آءٌ تو سان آھيان. سو ڪوبہ ماڻھو حملو ڪري تو کي ايذاءُ نہ رسائيندو. ھن شھر ۾ منھنجا ڪيترائي ماڻھو آھن.“
11 ھو ڏيڍ سال اتي رھي پيو ۽ انھن ماڻھن کي خدا جو ڪلام ٻڌائيندو رھيو.
12 پر جڏھن يونان جي پرڳڻي اخيا جو گورنر گليو ھو، تڏھن يھودين پاڻ ۾ گڏجي پولس تي حملو ڪيو ۽ کيس پڪڙي ڪورٽ ۾ وٺي آيا.
13 اھي چوڻ لڳا تہ ”ھي اھو شخص آھي جيڪو ماڻھن کي اھڙي نموني عبادت ڪرڻ ٿو سيکاري، جيڪا قانون جي خلاف آھي.“