3 پولس پڇين تہ ”پوءِ اوھان ڪھڙي بپتسما ورتي؟“ انھن جواب ڏنو تہ ”يحيٰ واري بپتسما.“
4 تنھن تي پولس چيو تہ ”يحيٰ انھن کي بپتسما ڏيندو ھو جن توبھہ ڪئي ھئي ۽ ھو ماڻھن کي چوندو ھو تہ ’جيڪو مون کان پوءِ ايندو ان تي ايمان آڻجو،‘ يعني عيسيٰ تي.“
5 جڏھن انھن اھا ڳالھہ ٻڌي تڏھن خداوند عيسيٰ جي نالي تي بپتسما ورتائون.
6 پوءِ پولس پنھنجا ھٿ انھن جي مٿان رکيا تہ پاڪ روح مٿن نازل ٿيو ۽ ھو جدا جدا ٻوليون ڳالھائڻ ۽ خدا جو ڪلام ٻڌائڻ لڳا.
7 اھي سڀيئي اٽڪل ٻارھن ڄڻا ھئا.
8 پولس ٽن مھينن تائين يھودي عبادتخاني ۾ ويندو رھيو ۽ انھن ماڻھن سان بيڊپو ٿي مضبوط دليلن سان خدا جي بادشاھت بابت بحث ڪندو ۽ کين مڃائيندو رھيو.
9 پر جڏھن ڪن ضدي ماڻھن ايمان نہ آندو ۽ خداوند جي انھيءَ طريقي خلاف ڪفر بڪڻ لڳا، تڏھن پولس انھن کي ڇڏي ڏنو ۽ شاگردن کي ساڻ ڪري ترونس جي مدرسي ڏانھن ويو جتي روزانو بحث ڪندو ھو.