رسولن جا ڪم 2:36-42 SCLNT

36 اي بني اسرائيل قوم! پڪ ڄاڻو تہ خدا انھيءَ عيسيٰ کي، جنھن کي اوھان صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھنيا، خداوند بہ ڪيو آھي ۽ مسيح بہ.“

37 جڏھن ماڻھن اھو ٻڌو تہ اھا ڳالھہ سندن دلين ۾ چڀي ويئي ۽ پطرس ۽ ٻين رسولن کي چيائون تہ ”ڀائرؤ! اسين ھاڻي ڇا ڪريون؟“

38 تنھن تي پطرس کين چيو تہ ”اوھين سڀ توبھہ ڪريو ۽ عيسيٰ مسيح جي نالي تي بپتسما وٺو، تہ جيئن اوھان جا گناھہ بخشيا وڃن ۽ اوھان کي خدا جي بخشش يعني پاڪ روح ملي.

39 ڇالاءِ⁠جو خدا جو واعدو اوھان جي لاءِ، اوھان جي ٻارن جي لاءِ ۽ انھن سڀني جي لاءِ بہ آھي جيڪي پري آھن ۽ جن کي خداوند، اسان جو خدا پاڻ ڏانھن سڏيندو.“

40 پطرس انھن کي ٻيون بہ گھڻيون ئي ڳالھيون ٻڌايون ۽ کين خبردار ڪيائين تہ ”پاڻ کي ھن بڇڙي زماني کان بچايو.“

41 انھن مان ڪيترن ئي ھن جي پيغام کي قبول ڪيو ۽ بپتسما ورتائون. انھيءَ ڏينھن اٽڪل ٽي ھزار ماڻھو ھنن جي ٽولي ۾ شامل ٿي ويا.

42 انھن پنھنجو وقت رسولن کان سکڻ، ھڪ ٻئي جي صحبت ۾ رھڻ، گڏجي ماني کائڻ ۽ دعا گھرڻ ۾ گذاريو.