7 انھن کي حيرت وٺي ويئي ۽ عجب ۾ پئجي چوڻ لڳا تہ ”ھي ماڻھو جيڪي ائين ٿا ڳالھائين، ڇا اھي سڀ گليلي نہ آھن؟
8 پوءِ ڪيئن اسان مان ھر ڪو انھن کان پنھنجي پنھنجي مادري زبان ٿو ٻڌي؟
9 جيتوڻيڪ اسين پارٿي، مادئي، عيلامي، مسوپتاميہ، يھوديہ، ڪپدڪيا، پنطس، ايشيا،
10 فروگيا، پمفوليا، مصر ۽ لبيا ۾ ڪريني شھر جي آسپاس رھندڙ آھيون. ان کان سواءِ رومي مسافر
11 جيڪي ڄائي ڄم جا يھودي توڙي نوان يھودي ٿيل آھن ۽ اسان مان ڪي ڪريتي ۽ عرب آھن تہ بہ اسين انھن کي پنھنجين پنھنجين ٻولين ۾ خدا جي وڏن وڏن ڪمن جو بيان ڪندي ٿا ٻڌون.“
12 سڀيئي حيران ٿي ويا ۽ مونجھڪاري وچان ھڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”ھن جو مطلب ڇا آھي؟“
13 پر ٻيا وري انھن تي ٺٺوليون ڪري چون پيا تہ ”ھي سڀ نشي ۾ آھن.“