رسولن جا ڪم 20:12-18 SCLNT

12 ھوڏانھن انھيءَ نوجوان کي جيئرو گھر آندو ويو، جنھن سان سڀني جي دل کي ڏاڍي تسلي ٿي.

13 جيئن تہ پولس پيرين پيادو آسس پھچڻ جو ارادو ڪيو ھو، سو اسين سندس وڃڻ کان پوءِ جھاز تي چڙھي آسس ڏانھن روانا ٿياسين، انھيءَ لاءِ تہ اتي پولس کي بہ پاڻ سان گڏ جھاز تي چاڙھيون.

14 جڏھن ھو آسس ۾ اسان سان مليو، تڏھن کيس جھاز ۾ چاڙھي اسين متولينيءَ ۾ پھتاسين.

15 ان کان پوءِ اسين ٻئي ڏينھن تي خيوس ۾ پھتاسين ۽ وري ٽئين ڏينھن تي سامس ۾ پھتاسين، جتان وري چوٿين ڏينھن تي مليتس ۾ آياسين.

16 پولس فيصلو ڪيو ھو تہ ھو اِفسس جي ٻاھران ٻاھران ھليو وڃي، تہ جيئن ايشيا پرڳڻي ۾ گھڻو وقت نہ لڳيس. ايتري تڪڙ رڳو انھيءَ لاءِ ٿي ڪيائين تہ جي ٿي سگھي تہ پنتيڪُست جو ڏينھن وڃي يروشلم ۾ ملھائي.

17 پولس مليتس مان اِفسس ڏانھن نياپو موڪليو تہ ڪليسيا جا بزرگ اچي ساڻس ملن.

18 جڏھن ھو پھتا تہ پولس کين چيو تہ ”اوھان کي سڌ آھي تہ مون ايشيا پرڳڻي ۾ پھچڻ جي پھرين ڏينھن کان وٺي سڄو وقت اوھان سان ڪيئن گذاريو آھي.