17 پولس مليتس مان اِفسس ڏانھن نياپو موڪليو تہ ڪليسيا جا بزرگ اچي ساڻس ملن.
18 جڏھن ھو پھتا تہ پولس کين چيو تہ ”اوھان کي سڌ آھي تہ مون ايشيا پرڳڻي ۾ پھچڻ جي پھرين ڏينھن کان وٺي سڄو وقت اوھان سان ڪيئن گذاريو آھي.
19 مون ڏاڍي نھٺائيءَ سان ڳوڙھا ڳاڙي ۽ يھودين جي منصوبن جون مصيبتون سھي بہ خداوند جي خدمت ڪئي آھي.
20 اوھان کي سڌ آھي تہ مون اوھان جي فائدي جي ڪابہ ڳالھہ اوھان کان ڳجھي نہ رکي آھي. مون اوھان کي کُليعام ۽ گھر گھر ۾ تعليم ڏني آھي.
21 يھودين ۽ غيرقوم وارن ٻنھي کي چتاءُ ڏنو اٿم تہ اھي پنھنجن گناھن کان توبھہ ڪري خدا ڏانھن ڦرن ۽ اسان جي خداوند عيسيٰ تي ايمان آڻين.
22 ھاڻي پاڪ روح جي حڪم موجب آءٌ يروشلم ڏانھن وڃي رھيو آھيان، خبر نہ آھي تہ اتي مون سان ڇا ٿيندو.
23 آءٌ رڳو ايترو ڄاڻان ٿو تہ ھر شھر ۾ پاڪ روح مون کي چتاءُ ڪيو آھي تہ مون لاءِ قيد ۽ عذاب انتظار ڪري رھيا آھن.