28 اوھين پاڻ سان گڏ انھيءَ سڄي ڌڻ جي سنڀال ڪجو، جنھن لاءِ پاڪ روح اوھان کي ڌنار مقرر ڪيو آھي. سو خدا جي انھيءَ ڪليسيا کي سنڀاليندا رھجو، جيڪا ھن پنھنجي فرزند جي رت سان خريد ڪئي.
29 آءٌ ڄاڻان ٿو تہ منھنجي وڃڻ کان پوءِ وحشي بگھڙ اوھان ۾ اچي پوندا ۽ ڌڻ تي ڪوبہ قياس نہ ڪندا.
30 خود اوھان منجھان ئي ڪي اھڙا ماڻھو نڪرندا جيڪي ايمان وارن کي برغلائڻ لاءِ ابتيون سبتيون ڳالھيون ٻڌائيندا.
31 تنھنڪري اوھين سجاڳ رھجو ۽ ياد رکجو تہ پورا ٽي سال مون رات ڏينھن ڳوڙھا ڳاڙي ھر ھڪ کي سمجھايو آھي.
32 ھاڻي آءٌ اوھان کي خدا ۽ سندس انھيءَ فضل واري ڪلام جي حوالي ٿو ڪريان، جنھن کي قدرت آھي تہ اوھان کي قائم ڪري ۽ اوھان سان گڏ خدا جي سڀني چونڊيلن کي برڪتون عطا ڪري.
33 مون ڪنھن ۾ بہ سون، چانديءَ يا ڪپڙي جي لالچ نہ رکي.
34 اوھين پاڻ ڄاڻو ٿا تہ مون پنھنجن ھٿن سان پورھيو ڪري پنھنجون ۽ پنھنجن سنگتين جون گھرجون پوريون ڪيون آھن.