رسولن جا ڪم 20:4-10 SCLNT

4 بيريا واري پورس جو پٽ سوپترس، ٿسلونيڪيءَ وارن مان ارسترخس ۽ سڪندس، دربيءَ وارو گايس، ايشيا پرڳڻي وارا تُخِڪُس ۽ تروفيمس ۽ تيمٿيس پڻ ايشيا پرڳڻي تائين ساڻس گڏجي ويا.

5 پوءِ اھي اڳتي وڃي تروآس ۾ اسان جو انتظار ڪرڻ لڳا.

6 اسين بي⁠خميري مانيءَ جي عيد کان پوءِ سامونڊي جھاز ۾ چڙھي فلپيءَ مان روانا ٿي وياسون ۽ پنجن ڏينھن کان پوءِ انھن سان اچي تروآس ۾ ملياسين، جتي اسين ھڪ ھفتو رھياسون.

7 ڇنڇر جي شام جو اسين ماني کائڻ لاءِ گڏ ٿياسين. پولس ماڻھن سان ڳالھائيندو رھيو ۽ سندس تقرير اڌ رات تائين جاري رھي، ڇالاءِ⁠جو ھو ٻئي ڏينھن تي روانو ٿيڻ وارو ھو.

8 جنھن ماڙيءَ تي اسان جي گڏجاڻي ھئي اتي ڪيترائي شمعدان پئي ٻريا.

9 يوتخس نالي ھڪڙو نوجوان دريءَ ۾ ويٺو ھو، سو جيئن پولس ڳالھائيندو رھيو تيئن ان کي ننڊ وٺندي ويئي، تان جو کيس گھري ننڊ وٺي ويئي ۽ ھو ٽِماڙ تان ھيٺ ڪري پيو. جان اچي کيس کڻن تہ ھو مري چڪو ھو.

10 تڏھن پولس ماڙيءَ تان ھيٺ لھندي ئي جھڪي کيس ڀاڪر ۾ ورتو ۽ پوءِ چوڻ لڳو تہ ”فڪر نہ ڪريو، ھي جيئرو آھي.“