6 اسين بيخميري مانيءَ جي عيد کان پوءِ سامونڊي جھاز ۾ چڙھي فلپيءَ مان روانا ٿي وياسون ۽ پنجن ڏينھن کان پوءِ انھن سان اچي تروآس ۾ ملياسين، جتي اسين ھڪ ھفتو رھياسون.
7 ڇنڇر جي شام جو اسين ماني کائڻ لاءِ گڏ ٿياسين. پولس ماڻھن سان ڳالھائيندو رھيو ۽ سندس تقرير اڌ رات تائين جاري رھي، ڇالاءِجو ھو ٻئي ڏينھن تي روانو ٿيڻ وارو ھو.
8 جنھن ماڙيءَ تي اسان جي گڏجاڻي ھئي اتي ڪيترائي شمعدان پئي ٻريا.
9 يوتخس نالي ھڪڙو نوجوان دريءَ ۾ ويٺو ھو، سو جيئن پولس ڳالھائيندو رھيو تيئن ان کي ننڊ وٺندي ويئي، تان جو کيس گھري ننڊ وٺي ويئي ۽ ھو ٽِماڙ تان ھيٺ ڪري پيو. جان اچي کيس کڻن تہ ھو مري چڪو ھو.
10 تڏھن پولس ماڙيءَ تان ھيٺ لھندي ئي جھڪي کيس ڀاڪر ۾ ورتو ۽ پوءِ چوڻ لڳو تہ ”فڪر نہ ڪريو، ھي جيئرو آھي.“
11 پوءِ ھو موٽي مٿي ماڙيءَ تي ويو ۽ ماني کاڌائين. گھڻي وقت تائين انھن سان ڳالھائڻ کان پوءِ سج اڀرئي مھل پولس روانو ٿي ويو.
12 ھوڏانھن انھيءَ نوجوان کي جيئرو گھر آندو ويو، جنھن سان سڀني جي دل کي ڏاڍي تسلي ٿي.