1 انھن کان موڪلائي اسين جھاز ۾ چڙھي سڌا قوس ۾ آياسين ۽ ٻئي ڏينھن تي روڊس ۾ پھتاسين، جتان پوءِ وري پترا ۾ آياسين.
2 اتي اسان ڏٺو تہ ھڪڙو جھاز فينيڪيءَ ڏانھن وڃي رھيو آھي، سو انھيءَ جھاز ۾ چڙھي روانا ٿياسين.
3 پوءِ اھڙي ھنڌ پھتاسين جتان اسين قبرص کي ڏسي سگھون پيا ۽ انھيءَ جي ڏکڻ طرف کان شام ڏانھن ھلڻ لڳاسين. پوءِ صور ۾ پھچي جھاز بندر سان لڳو تہ اسين ھيٺ لٿاسين، ڇالاءِجو اتي جھاز مان مال لھڻو ھو.
4 اتي اسان کي ڪي شاگرد مليا، جن وٽ اسين ست ڏينھن ٽڪياسين. انھن پاڪ روح جي ھدايت سان پولس کي چيو تہ ”اوھين يروشلم ڏانھن نہ وڃو.“