12 جڏھن اسان اھو ٻڌو تڏھن اسان ۽ اتي جي رھاڪن پولس کي منٿ ڪئي تہ ”مھرباني ڪري اوھين يروشلم ڏانھن نہ وڃو.“
13 پر ھن جواب ڏنو تہ ”اوھين ھي ڇا ٿا ڪريو جو روئي رڙي منھنجي دل ٿا ڀڃو؟ آءٌ يروشلم ۾ نہ رڳو خداوند عيسيٰ جي واسطي ٻڌجڻ لاءِ، بلڪ اتي مرڻ لاءِ بہ تيار آھيان.“
14 جڏھن اسين کيس مڃائي نہ سگھياسين، تڏھن اسان ايترو چئي بس ڪئي تہ ”جيڪا خداوند جي مرضي.“
15 انھن ڏينھن کان پوءِ اسين پنھنجو سامان سڙو ٻڌي يروشلم ڏانھن وياسون.
16 قيصريہ شھر جا ڪي شاگرد بہ اسان سان گڏ ھليا. انھن اسان کي مناسون نالي ھڪڙي شخص جي گھر آندو، جنھن وٽ اسان کي رھڻو ھو. ھو قبرص جو رھاڪو ۽ ھڪ جھونو شاگرد ھو.
17 جڏھن اسين يروشلم ۾ پھتاسون تہ اتي ڀائرن اسان جو خوشيءَ سان آڌرڀاءُ ڪيو.
18 ٻئي ڏينھن تي پولس اسان سان گڏجي يعقوب سان ملڻ ھليو جتي ڪليسيا جا سڀيئي بزرگ بہ ويٺا ھئا.