رسولن جا ڪم 21:31-37 SCLNT

31 ھو پولس کي مارڻ جي ڪوشش ڪري رھيا ھئا تہ ايتري ۾ پلٽڻ جي ڪپتان کي خبر پئجي ويئي تہ سڄي يروشلم ۾ ھنگامو ٿي پيو آھي.

32 سو جلد ئي ڪپتان ڪجھہ آفيسر ۽ سپاھي ساڻ ڪري گوڙ ڏانھن ڪاھي پيو. جڏھن ماڻھن کيس سپاھين سميت ايندي ڏٺو، تڏھن پولس کي ڌڪن ھڻڻ کان بس ڪيائون.

33 پوءِ ڪپتان ويجھو اچي پولس کي گرفتار ڪيو ۽ حڪم ڏنائين تہ ”کيس ٻن ھٿڪڙين سان ٻڌو وڃي.“ پوءِ ماڻھن کان پڇا ڪرڻ لڳو تہ ”ھي شخص ڪير آھي ۽ ڪھڙو ڏوھہ ڪيو اٿس؟“

34 انھيءَ وقت سڄي ميڙ ۾ رڙيون ھيون، ڪن واڪو ڪري ھڪ ڳالھہ پئي ڪئي تہ ڪن وري ٻي ڳالھہ. ايترو تہ گوڙ ھو جو حقيقت جي خبر ئي ڪانہ ٿي پيئي، تنھنڪري ھن حڪم ڏنو تہ کيس قلعي ۾ بند ڪيو وڃي.

35 جڏھن پولس ڏاڪڻ وٽ پھتو تہ ماڻھن جي ايتري تہ ڌڪ⁠ڌڪان ھئي جو سپاھين کي پولس کڻي وڃڻو پيو.

36 جڏھن تہ ماڻھن جو ميڙ پٺيان واڪا ڪندو پئي آيو تہ ”ماري ڇڏيوس، ماري ڇڏيوس.“

37 جڏھن ھو کيس قلعي ۾ بند ڪرڻ وارا ھئا تہ پولس ڪپتان کان پڇيو تہ ”ڇا آءٌ ڪجھہ چئي سگھان ٿو؟“ تنھن تي ھن چيس تہ ”تو کي يوناني ٻولي اچي ٿي ڇا؟