35 جڏھن پولس ڏاڪڻ وٽ پھتو تہ ماڻھن جي ايتري تہ ڌڪڌڪان ھئي جو سپاھين کي پولس کڻي وڃڻو پيو.
36 جڏھن تہ ماڻھن جو ميڙ پٺيان واڪا ڪندو پئي آيو تہ ”ماري ڇڏيوس، ماري ڇڏيوس.“
37 جڏھن ھو کيس قلعي ۾ بند ڪرڻ وارا ھئا تہ پولس ڪپتان کان پڇيو تہ ”ڇا آءٌ ڪجھہ چئي سگھان ٿو؟“ تنھن تي ھن چيس تہ ”تو کي يوناني ٻولي اچي ٿي ڇا؟
38 تون اھو مصري نہ آھين ڇا جيڪو ڪي ڏينھن اڳ بغاوت ڪري چار ھزار ھٿياربند وٺي جھنگ ڏانھن ھليو ويو ھئين؟“
39 پولس جواب ۾ چيس تہ ”آءٌ يھودي آھيان، ترسس جو ويٺل آھيان، جيڪو ڪلڪيا جي علائقي جو ھڪڙو مشھور شھر آھي. منھنجو عرض آھي تہ مھرباني ڪري مون کي اجازت ڏيو تہ آءٌ ماڻھن سان ڳالھايان.“
40 جڏھن ڪپتان اجازت ڏنس تڏھن پولس ڏاڪڻ تي بيھي ھٿ جي اشاري سان ماڻھن کي خاموش ٿيڻ لاءِ چيو. جڏھن ماٺ ٿي ويئي تڏھن عبراني ٻوليءَ ۾ ھيئن چوڻ شروع ڪيائين تہ