رسولن جا ڪم 23:10-16 SCLNT

10 جڏھن جھيڙو وڌي ويو تڏھن ڪپتان کي اچي خوف ورتو تہ متان ماڻھو پولس کي ماري ٽڪرا ٽڪرا نہ ڪري ڇڏين. سو سپاھين کي حڪم ڏنائين تہ ”وڃي گوڙ مان کيس زوريءَ وٺي قلعي ۾ آڻيو.“

11 جڏھن رات ٿي تڏھن خداوند اچي پولس جي ڀرسان بيٺو ۽ چيائينس تہ ”دلجاءِ ڪر، جيئن تو يروشلم ۾ منھنجي لاءِ شاھدي ڏني آھي تيئن روم ۾ بہ تو کي منھنجي لاءِ شاھدي ڏيڻي پوندي.“

12 ٻئي ڏينھن صبح جو ڪي يھودي اچي گڏ ٿيا ۽ ھڪ سازش سٽيائون. انھن قسم کڻي واعدو ڪيو تہ تيستائين ھو ڪابہ شيءِ نہ کائيندا ۽ ڪجھہ بہ نہ پيئندا، جيستائين پولس کي نہ مارين.

13 اھي چاليھن کان بہ گھڻا ھئا جن گڏجي اھا سازش سٽي ھئي.

14 پوءِ اھي سردار ڪاھنن ۽ بزرگن وٽ ويا ۽ چيائون تہ ”اسان گڏجي قسم کنيو آھي تہ ايستائين ڪابہ شيءِ نہ کائينداسون، جيستائين پولس کي نہ ماريون.

15 سو ھاڻي اوھين ڪائونسل وارن سان گڏجي بھانو ڪري ڪپتان کي عرض ڪريو تہ ھو پولس کي وڌيڪ جاچ لاءِ اوھان وٽ موڪلي، پوءِ ھو اوھان وٽ پھچندو ئي ڪين تہ اسان کيس ماري وجھنداسون.“

16 پر پولس جي ڀاڻيجي جڏھن انھيءَ سازش بابت ٻڌو، تڏھن قلعي ۾ اچي پولس کي اھا ڳالھہ ٻڌايائين.