رسولن جا ڪم 23:13-19 SCLNT

13 اھي چاليھن کان بہ گھڻا ھئا جن گڏجي اھا سازش سٽي ھئي.

14 پوءِ اھي سردار ڪاھنن ۽ بزرگن وٽ ويا ۽ چيائون تہ ”اسان گڏجي قسم کنيو آھي تہ ايستائين ڪابہ شيءِ نہ کائينداسون، جيستائين پولس کي نہ ماريون.

15 سو ھاڻي اوھين ڪائونسل وارن سان گڏجي بھانو ڪري ڪپتان کي عرض ڪريو تہ ھو پولس کي وڌيڪ جاچ لاءِ اوھان وٽ موڪلي، پوءِ ھو اوھان وٽ پھچندو ئي ڪين تہ اسان کيس ماري وجھنداسون.“

16 پر پولس جي ڀاڻيجي جڏھن انھيءَ سازش بابت ٻڌو، تڏھن قلعي ۾ اچي پولس کي اھا ڳالھہ ٻڌايائين.

17 تنھن تي پولس صوبيدارن مان ھڪڙي کي پاڻ وٽ سڏي عرض ڪيو تہ ”ھن جوان کي ڪپتان وٽ وٺي وڃو، جو کيس ڪجھہ چوڻو آھي.“

18 اھو صوبيدار انھيءَ جوان کي ڪپتان وٽ وٺي ويو ۽ کيس ٻڌايائين تہ ”قيديءَ پولس مون کي سڏ ڪري عرض ڪيو تہ ھن جوان کي اوھان وٽ وٺي اچان، جو کيس اوھان سان ڪجھہ ڳالھائڻو آھي.“

19 ڪپتان انھيءَ جوان کي ھٿ کان وٺي پاسي تي نويڪلائيءَ ۾ وٺي ويو ۽ پڇيائينس تہ ”تو کي مون سان ڇا ڳالھائڻو آھي؟“