رسولن جا ڪم 23:21-27 SCLNT

21 پر اوھين سندن چيو نہ مڃجو، ڇالاءِ⁠جو يھودين جا چاليھن کان بہ وڌيڪ ماڻھو رستي تي لڪا ويٺا آھن، جن قسم کنيو آھي تہ جيسين ھو پولس کي نہ ماريندا تيسين نڪي کائيندا نڪي پيئندا. سو ھو ھاڻي سنبريا ويٺا آھن، رڳو تنھنجي فيصلي جو انتظار اٿن.“

22 تنھن تي ڪپتان چيس تہ ”اھي ڳالھيون تون ڪنھن کي بہ نہ ٻڌائجانءِ، جيڪي مون کي ٻڌايون اٿيئي.“ پوءِ جوان کي موڪل ڏيئي ڇڏيائين.

23 پوءِ ڪپتان ٻن صوبيدارن کي پاڻ وٽ گھرائي حڪم ڏنو تہ ”ٻہ ⁠سؤ سپاھي، ستر گھوڙيسوار ۽ ٻہ ⁠سؤ نيزي⁠بردار تيار ڪريو تہ ھو رات جو ھڪ پھر گذرڻ کان پوءِ قيصريہ ڏانھن وڃن.“

24 کين ھي بہ چيائين تہ ”پولس جي سواريءَ لاءِ گھوڙن جو انتظام ڪجو، تہ جيئن ھن کي گورنر فِيلِڪس وٽ صحيح سلامت وٺي وڃجي.“

25 پوءِ ڪپتان کين ھي خط لکي ڏنو تہ

26 ”جناب گورنر فِيلِڪس صاحب بھادر!بعد سلامن جي ڪلوديس لوسياس لکي ٿو تہ

27 ھن ماڻھوءَ کي يھودين پڪڙيو ھو ۽ ذري گھٽ مارڻ تي ھيس جو آءٌ سپاھين کي وٺي وڃي اتي پھتس ۽ يھودين کان بچايومانس، ڇالاءِ⁠جو مون کي خبر پئجي ويئي تہ ھو رومي آھي.