1 ھن علائقي ۾ پھچڻ کان ٽي ڏينھن پوءِ فيستس قيصريہ کان يروشلم ڏانھن ويو.
2 سردار ڪاھنن ۽ يھودين جي بزرگن فيستس وٽ وڃي پولس جي خلاف دانھن ڏني ۽ عرض ڪيائونس تہ
3 ”اوھين مھرباني ڪري پولس کي يروشلم ۾ گھرايو.“ ڇالاءِجو ھنن وجھہ پئي ڳوليو تہ پولس کي رستي ۾ ئي ماري کپائي ڇڏين.
4 پر فيستس کين جواب ڏنو تہ ”پولس قيصريہ ۾ نظربند آھي ۽ آءٌ پاڻ اوڏانھن وڃڻ وارو آھيان.
5 اوھان مان جيڪي معتبر آھن، سي مون سان گڏجي ھلن ۽ جيڪڏھن انھيءَ ماڻھوءَ ڪو ڏوھہ ڪيو ھوندو تہ پوءِ ڀلي مٿس الزام ھڻن.“
6 فيستس اٺ ڏھہ ڏينھن کن اتي گذاريا ۽ پوءِ قيصريہ ڏانھن ھليو ويو. ٻئي ڏينھن تي جج جي ڪرسيءَ تي ويھي حڪم ڏنائين تہ ”پولس کي اندر آڻيو.“