رسولن جا ڪم 25:12-18 SCLNT

12 تنھن تي فيستس پنھنجن صلاحڪارن سان صلاح مصلحت ڪري وراڻيو تہ ”تو قيصر وٽ اپيل ڪئي آھي، تنھنڪري تو کي قيصر وٽ وڃڻو پوندو.“

13 ڪن ڏينھن کان پوءِ اگرپا بادشاھہ ۽ سندس ڀيڻ برنيڪي قيصريہ ۾ فيستس سان ملاقات ڪرڻ لاءِ آيا.

14 ھو ڪيترائي ڏينھن اتي ٽڪيا پيا ھئا، سو فيستس پولس جي ڪيس جو احوال بادشاھہ کي ٻڌائيندي چيو تہ ”ھڪڙو شخص آھي، جنھن کي فِيلِڪس جيل ۾ ڇڏي ھليو ويو آھي.

15 جڏھن آءٌ يروشلم ۾ ھوس تڏھن انھيءَ ماڻھوءَ جي خلاف سردار ڪاھن ۽ يھودين جي بزرگن مون کي دانھن ڏني ھئي ۽ عرض ڪيو ھئائون تہ آءٌ کيس سزا ڏيان.

16 پر مون کين جواب ڏنو تہ جيستائين جوابدار فريادين جي روبرو نہ ٿئي ۽ جيڪو الزام ھو مٿس ھڻن ٿا تنھن جي بچاءَ ۾ بيان ڏيڻ جو موقعو نہ مليس، تيستائين کيس سزا ڏيڻ رومين جي دستور ۾ نہ آھي.

17 سو جڏھن ھو ھتي اچي گڏ ٿيا تڏھن مون دير ڪانہ ڪئي، بلڪ ٻئي ڏينھن تي ڪورٽ ۾ جج جي ڪرسيءَ تي ويھي مون حڪم ڏنو تہ ’انھيءَ ماڻھوءَ کي وٺي اچو.‘

18 پر جڏھن سندس مخالف اٿي بيٺا، تڏھن انھن مٿس اھڙو ڪوبہ الزام ڪونہ ھنيو جن ڏوھن جو مون کي گمان ھو.