رسولن جا ڪم 25:17-23 SCLNT

17 سو جڏھن ھو ھتي اچي گڏ ٿيا تڏھن مون دير ڪانہ ڪئي، بلڪ ٻئي ڏينھن تي ڪورٽ ۾ جج جي ڪرسيءَ تي ويھي مون حڪم ڏنو تہ ’انھيءَ ماڻھوءَ کي وٺي اچو.‘

18 پر جڏھن سندس مخالف اٿي بيٺا، تڏھن انھن مٿس اھڙو ڪوبہ الزام ڪونہ ھنيو جن ڏوھن جو مون کي گمان ھو.

19 پر ھنن ساڻس پنھنجي دين ۽ عيسيٰ نالي ھڪڙي شخص بابت تڪرار ٿي ڪيو، جيڪو مري ويو ھو ۽ پولس چوي ٿو تہ ھو جيئرو آھي.

20 مون کي سمجھہ ۾ نہ آيو تہ انھن ڳالھين جي صحيح جاچ ڪيئن ڪجي. تنھنڪري مون پولس کان پڇيو تہ ’ڇا تون يروشلم ڏانھن وڃڻ ۾ راضي آھين تہ جيئن اتي انھن ڳالھين جو فيصلو ٿئي؟‘

21 پر جڏھن پولس اپيل ڪئي تہ سندس ڪيس جو فيصلو قيصر جي ڪورٽ ۾ ٿئي، تڏھن مون حڪم ڏنو تہ جيستائين آءٌ کيس قيصر ڏانھن نہ موڪليان تيستائين ھو نظربند رھي.“

22 تنھن تي اگرپا فيستس کي چيو تہ ”منھنجي پاڻ اھا مرضي آھي تہ آءٌ انھيءَ ماڻھوءَ جون ڳالھيون ٻڌان.“ فيستس کيس وراڻيو تہ ”اوھين سڀاڻي ئي کڻي ھن جون ڳالھيون ٻڌجو.“

23 ٻئي ڏينھن تي اگرپا ۽ برنيڪي وڏي شان وَ شوڪت سان درٻار ھال ۾ داخل ٿيا. ھنن سان فوجي ڪپتان ۽ معزز شھري بہ ساڻ ھئا. فيستس حڪم ڏنو تہ ”پولس کي اندر آندو وڃي.“