رسولن جا ڪم 25:21-27 SCLNT

21 پر جڏھن پولس اپيل ڪئي تہ سندس ڪيس جو فيصلو قيصر جي ڪورٽ ۾ ٿئي، تڏھن مون حڪم ڏنو تہ جيستائين آءٌ کيس قيصر ڏانھن نہ موڪليان تيستائين ھو نظربند رھي.“

22 تنھن تي اگرپا فيستس کي چيو تہ ”منھنجي پاڻ اھا مرضي آھي تہ آءٌ انھيءَ ماڻھوءَ جون ڳالھيون ٻڌان.“ فيستس کيس وراڻيو تہ ”اوھين سڀاڻي ئي کڻي ھن جون ڳالھيون ٻڌجو.“

23 ٻئي ڏينھن تي اگرپا ۽ برنيڪي وڏي شان وَ شوڪت سان درٻار ھال ۾ داخل ٿيا. ھنن سان فوجي ڪپتان ۽ معزز شھري بہ ساڻ ھئا. فيستس حڪم ڏنو تہ ”پولس کي اندر آندو وڃي.“

24 پوءِ فيستس چوڻ لڳو تہ ”اي بادشاھہ اگرپا ۽ معزز حاضرين! ھن شخص ڏانھن ڏسو، جنھن بابت يھودين جي سڄي خلق ھتي قيصريہ ۾ ۽ يروشلم ۾ مون وٽ فرياد ڪئي ۽ واڪا ڪري چيائون تہ ’ھن ماڻھوءَ کي جيئرو نہ ڇڏيو.‘

25 پر مون کي خبر پيئي تہ ھن شخص اھڙو ڪوبہ ڏوھہ نہ ڪيو آھي جو کيس موت جي سزا ڏجي. ھن پاڻ شھنشاھہ وٽ اپيل ڪئي، جنھن ڪري مون فيصلو ڪيو تہ کيس اوڏانھن موڪليان.

26 پر ھن بابت ڪابہ پڪي خبر نہ آھي، جا آءٌ شھنشاھہ ڏانھن لکي موڪليان. تنھنڪري مون ھن کي اوھان سڀني جي اڳيان ۽ خاص ڪري اي بادشاھہ اگرپا! اوھان جي اڳيان حاضر ڪيو اٿم. سو اوھين ھن ڪيس جي جاچ ڪريو تہ جيئن آءٌ ڪجھہ لکي سگھان.

27 ڇالاءِ⁠جو اھو غيرواجبي آھي جو آءٌ ھڪ قيديءَ کي تہ موڪليان، پر مٿس جيڪي الزام لڳل آھن، تن بابت چٽيءَ طرح سان نہ لکان.“