3 ”اوھين مھرباني ڪري پولس کي يروشلم ۾ گھرايو.“ ڇالاءِجو ھنن وجھہ پئي ڳوليو تہ پولس کي رستي ۾ ئي ماري کپائي ڇڏين.
4 پر فيستس کين جواب ڏنو تہ ”پولس قيصريہ ۾ نظربند آھي ۽ آءٌ پاڻ اوڏانھن وڃڻ وارو آھيان.
5 اوھان مان جيڪي معتبر آھن، سي مون سان گڏجي ھلن ۽ جيڪڏھن انھيءَ ماڻھوءَ ڪو ڏوھہ ڪيو ھوندو تہ پوءِ ڀلي مٿس الزام ھڻن.“
6 فيستس اٺ ڏھہ ڏينھن کن اتي گذاريا ۽ پوءِ قيصريہ ڏانھن ھليو ويو. ٻئي ڏينھن تي جج جي ڪرسيءَ تي ويھي حڪم ڏنائين تہ ”پولس کي اندر آڻيو.“
7 جڏھن پولس پھتو تڏھن يھودي جيڪي يروشلم کان آيا ھئا، سي چوگرد ڦري آيس ۽ مٿس ڏاڍيون سخت تھمتون ھنيائون، پر انھن جي ثابتي نہ ڏيئي سگھيا.
8 پولس پنھنجي بچاءَ ۾ چيو تہ ”مون يھودين جي شريعت جو، ھيڪل جو يا قيصر جو ڪوبہ ڏوھہ ڪونہ ڪيو آھي.“
9 فيستس يھودين کي راضي ڪرڻ لاءِ پولس کان پڇيو تہ ”ڇا تون يروشلم ڏانھن ھلندين تہ جيئن اتي منھنجي اڳيان ھنن ڳالھين جو فيصلو ٿئي؟“