رسولن جا ڪم 25:4-10 SCLNT

4 پر فيستس کين جواب ڏنو تہ ”پولس قيصريہ ۾ نظربند آھي ۽ آءٌ پاڻ اوڏانھن وڃڻ وارو آھيان.

5 اوھان مان جيڪي معتبر آھن، سي مون سان گڏجي ھلن ۽ جيڪڏھن انھيءَ ماڻھوءَ ڪو ڏوھہ ڪيو ھوندو تہ پوءِ ڀلي مٿس الزام ھڻن.“

6 فيستس اٺ ڏھہ ڏينھن کن اتي گذاريا ۽ پوءِ قيصريہ ڏانھن ھليو ويو. ٻئي ڏينھن تي جج جي ڪرسيءَ تي ويھي حڪم ڏنائين تہ ”پولس کي اندر آڻيو.“

7 جڏھن پولس پھتو تڏھن يھودي جيڪي يروشلم کان آيا ھئا، سي چوگرد ڦري آيس ۽ مٿس ڏاڍيون سخت تھمتون ھنيائون، پر انھن جي ثابتي نہ ڏيئي سگھيا.

8 پولس پنھنجي بچاءَ ۾ چيو تہ ”مون يھودين جي شريعت جو، ھيڪل جو يا قيصر جو ڪوبہ ڏوھہ ڪونہ ڪيو آھي.“

9 فيستس يھودين کي راضي ڪرڻ لاءِ پولس کان پڇيو تہ ”ڇا تون يروشلم ڏانھن ھلندين تہ جيئن اتي منھنجي اڳيان ھنن ڳالھين جو فيصلو ٿئي؟“

10 پولس وراڻيو تہ ”آءٌ قيصر جي ڪورٽ اڳيان بيٺو آھيان، تنھنڪري منھنجو فيصلو بہ ھتي ٿيڻ گھرجي. اوھين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ مون يھودين جو ڪوبہ ڏوھہ ڪونہ ڪيو آھي.