رسولن جا ڪم 25:8-14 SCLNT

8 پولس پنھنجي بچاءَ ۾ چيو تہ ”مون يھودين جي شريعت جو، ھيڪل جو يا قيصر جو ڪوبہ ڏوھہ ڪونہ ڪيو آھي.“

9 فيستس يھودين کي راضي ڪرڻ لاءِ پولس کان پڇيو تہ ”ڇا تون يروشلم ڏانھن ھلندين تہ جيئن اتي منھنجي اڳيان ھنن ڳالھين جو فيصلو ٿئي؟“

10 پولس وراڻيو تہ ”آءٌ قيصر جي ڪورٽ اڳيان بيٺو آھيان، تنھنڪري منھنجو فيصلو بہ ھتي ٿيڻ گھرجي. اوھين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ مون يھودين جو ڪوبہ ڏوھہ ڪونہ ڪيو آھي.

11 جيڪڏھن آءٌ ڏوھدار آھيان ۽ موت جي سزا جوڳو ڪم ڪيو اٿم تہ مون کي مرڻ کان انڪار ڪونہ آھي. پر جن ڳالھين جي اھي مون تي تھمت ھڻن ٿا، سي سچيون ڪين آھن. پوءِ ڪنھن بہ ماڻھوءَ کي اھو حق نہ آھي تہ ھو مون کي انھن جي حوالي ڪري. تنھنڪري آءٌ قيصر وٽ اپيل ٿو ڪريان.“

12 تنھن تي فيستس پنھنجن صلاحڪارن سان صلاح مصلحت ڪري وراڻيو تہ ”تو قيصر وٽ اپيل ڪئي آھي، تنھنڪري تو کي قيصر وٽ وڃڻو پوندو.“

13 ڪن ڏينھن کان پوءِ اگرپا بادشاھہ ۽ سندس ڀيڻ برنيڪي قيصريہ ۾ فيستس سان ملاقات ڪرڻ لاءِ آيا.

14 ھو ڪيترائي ڏينھن اتي ٽڪيا پيا ھئا، سو فيستس پولس جي ڪيس جو احوال بادشاھہ کي ٻڌائيندي چيو تہ ”ھڪڙو شخص آھي، جنھن کي فِيلِڪس جيل ۾ ڇڏي ھليو ويو آھي.