رسولن جا ڪم 26:10-16 SCLNT

10 سو يروشلم ۾ آءٌ ائين ئي ڪندو ھوس. سردار ڪاھنن کان اختياري وٺي ڪيترن ئي خدا جي ماڻھن کي جيل ۾ وجھرائيندو ھوس ۽ کين قتل ڪرائڻ لاءِ انھن جي خلاف پنھنجو رايو بہ ڏيندو ھوس.

11 سڀني يھودي عبادت⁠خانن ۾ گھڻا ئي دفعا انھن کي سزا ڏياري زوريءَ کانئن ڪفر بڪائيندو ھوس، بلڪ انھن جي خلاف اھڙو تہ ڇتو ٿي لڳو ھوس جو ٻاھرين شھرن ۾ بہ وڃي کين ستائيندو ھوس.“

12 ”انھيءَ ڪم لاءِ ھڪڙي دفعي آءٌ سردار ڪاھنن کان اختياريءَ جو پروانو وٺي دمشق ڏانھن پئي ويس.

13 اي بادشاھہ سلامت! ٻنپھرن جو وقت ھو جو رستي ويندي مون آسمان مان ھڪڙي روشني ڏٺي جيڪا سج کان بہ وڌيڪ تجليدار ھئي، سا مون تي ۽ منھنجي ساٿين تي اچي چمڪي.

14 اسين سڀ زمين تي ڪري پياسين تہ ان وقت مون عبراني ٻوليءَ ۾ ھڪ آواز ٻڌو تہ ’اي شائول! اي شائول! تون مون کي ڇو ٿو ستائين؟ ڏاند وانگر پنھنجي مالڪ جي لٺ آڏو لت کڻي تون پاڻ کي نقصان ڇو ٿو پھچائين؟‘

15 مون پڇيو تہ ’خداوند! تون ڪير آھين؟‘ تنھن تي خداوند وراڻيو تہ ’آءٌ عيسيٰ آھيان، جنھن کي تون ستائين پيو.

16 پر ھاڻي اٿ ۽ سڌو ٿي بيھہ. مون ھن مقصد لاءِ تو کي ڏيکاري ڏني آھي تہ آءٌ تو کي پنھنجو ٻانھو ۽ شاھد مقرر ڪريان، تہ جيئن ٻين کي ٻڌائين تہ ڪيئن تو اڄ مون کي ڏٺو آھي ۽ آئيندہ جيڪي ڳالھيون تو کي ڏيکاريندو رھندس سي بہ کين ٻڌائين.