رسولن جا ڪم 26:2-8 SCLNT

2 ”اي بادشاھہ اگرپا! آءٌ پاڻ کي خوش⁠نصيب ٿو سمجھان جو اڄ اوھان جي اڳيان انھن ڳالھين جي بچاءَ ۾ بيان ڏيڻو اٿم جن جي يھودين مون تي تھمت ھنئي آھي،

3 ڇالاءِ⁠جو اوھين تہ يھودين جي سڀني ريتن رسمن کان چڱيءَ طرح واقف آھيو. سو منھنجو اوھان کي خاص عرض آھي تہ مھرباني ڪري منھنجو بيان صبر سان ٻڌو.

4 سڀيئي يھودي ڄاڻين ٿا تہ ننڍپڻ کان وٺي مون پنھنجي حياتي پنھنجي ملڪ ۽ يروشلم شھر ۾ ڪيئن گذاري آھي.

5 گھڻي وقت کان وٺي اھي مون کي ڄاڻين ٿا ۽ جيڪڏھن مرضي ھجين تہ شاھدي ڏين تہ ڪيئن آءٌ پنھنجي مذھب جي سڀني کان سخت پابند فرقي فريسيءَ موجب زندگي گذاريندو ھوس.

6 سو ھاڻي مون کي انھيءَ اميد رکڻ جي ڪري ھتي ڪورٽ ۾ آڻي بيھاريو اٿن، تہ جيڪو واعدو خدا اسان جي ابن ڏاڏن سان ڪيو ھو سو پورو ٿيندو.

7 انھيءَ واعدي جي پوري ٿيڻ جي اميد تي اسان جا ٻارھن ئي قبيلا دل⁠وجان سان ڏينھن رات خدا جي عبادت ڪري رھيا آھن. اي بادشاھہ سلامت! انھيءَ اميد جي ڪري تہ يھودين مون تي اھا تھمت ھنئي آھي.

8 پر اوھان سڀني کي اھا ڳالھہ ناممڪن ڇو ٿي لڳي تہ خدا مئلن کي وري جيئرو ڪري اٿاريندو؟