26 بادشاھہ جنھن سان آءٌ بيڌڙڪ ٿي ڳالھايان ٿو، تنھن کي بہ انھن ڳالھين جي پوري ڄاڻ آھي، بلڪ پڪ اٿم تہ انھن مان ڪابہ ڳالھہ کانئس ڳجھي نہ آھي، ڇالاءِجو اھا ڳالھہ ڪنھن ڪنڊ پاسي ۾ نہ ٿي آھي.
27 اي اگرپا بادشاھہ! ڇا اوھين نبين کي مڃو ٿا؟ ھائو، آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوھين مڃيندا آھيو.“
28 تنھن تي اگرپا پولس کي چيو تہ ”تون ٿوري وقت ۾ مون کي مسيحي بڻائيندين ڇا؟“
29 پولس وراڻيو تہ ”ٿوري يا گھڻي وقت ۾، پر منھنجي تہ خدا جي در اھا دعا آھي تہ شل اوھين ۽ ھي ٻيا جيڪي منھنجي ٻڌي رھيا آھن، سي مون جھڙا ٿين سواءِ ھنن زنجيرن جي.“
30 پوءِ بادشاھہ اٿي کڙو ٿيو. گورنر، برنيڪي ۽ ٻيا جيڪي ساڻس گڏ ويٺا ھئا، سي سڀ بہ اٿي کڙا ٿيا،
31 ۽ ٻاھر نڪرندي ھڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”ھن ماڻھوءَ تہ اھڙو ڪوبہ ڏوھہ نہ ڪيو آھي جو کيس موت يا جيل جي سزا ڏني وڃي.“
32 پوءِ اگرپا فيستس کي چيو تہ ”ھي ماڻھو جيڪڏھن قيصر کي اپيل نہ ڪري ھا تہ جيڪر ڇٽي وڃي ھا.“