رسولن جا ڪم 26:4-10 SCLNT

4 سڀيئي يھودي ڄاڻين ٿا تہ ننڍپڻ کان وٺي مون پنھنجي حياتي پنھنجي ملڪ ۽ يروشلم شھر ۾ ڪيئن گذاري آھي.

5 گھڻي وقت کان وٺي اھي مون کي ڄاڻين ٿا ۽ جيڪڏھن مرضي ھجين تہ شاھدي ڏين تہ ڪيئن آءٌ پنھنجي مذھب جي سڀني کان سخت پابند فرقي فريسيءَ موجب زندگي گذاريندو ھوس.

6 سو ھاڻي مون کي انھيءَ اميد رکڻ جي ڪري ھتي ڪورٽ ۾ آڻي بيھاريو اٿن، تہ جيڪو واعدو خدا اسان جي ابن ڏاڏن سان ڪيو ھو سو پورو ٿيندو.

7 انھيءَ واعدي جي پوري ٿيڻ جي اميد تي اسان جا ٻارھن ئي قبيلا دل⁠وجان سان ڏينھن رات خدا جي عبادت ڪري رھيا آھن. اي بادشاھہ سلامت! انھيءَ اميد جي ڪري تہ يھودين مون تي اھا تھمت ھنئي آھي.

8 پر اوھان سڀني کي اھا ڳالھہ ناممڪن ڇو ٿي لڳي تہ خدا مئلن کي وري جيئرو ڪري اٿاريندو؟

9 ڪنھن وقت آءٌ پاڻ ائين سمجھندو ھوس تہ مون کي عيسيٰ ناصريءَ جي خلاف گھڻو ڪجھہ ڪرڻ گھرجي.

10 سو يروشلم ۾ آءٌ ائين ئي ڪندو ھوس. سردار ڪاھنن کان اختياري وٺي ڪيترن ئي خدا جي ماڻھن کي جيل ۾ وجھرائيندو ھوس ۽ کين قتل ڪرائڻ لاءِ انھن جي خلاف پنھنجو رايو بہ ڏيندو ھوس.