رسولن جا ڪم 27:18-24 SCLNT

18 جڏھن طوفان اسان کي تمام گھڻي تڪليف ڏني تڏھن ٻئي ڏينھن تي انھن جھاز جو سامان اڇلائڻ شروع ڪيو،

19 ۽ ايندڙ ڏينھن تي انھن پنھنجن ھٿن سان جھاز جو سڙھہ لاھي ڦٽو ڪيو.

20 ڪيترن ئي ڏينھن تائين اسان کي سج، چنڊ ۽ تارا نظر نہ آيا ۽ تيز ھوائون گھلنديون رھيون. آخرڪار اسان پنھنجي حياتيءَ کان نااميد ٿي وياسين.

21 جڏھن ماڻھن کي کاڌي کان سواءِ ڪيترائي ڏينھن گذري ويا، تڏھن پولس انھن جي اڳيان اٿي بيھي چيو تہ ”دوستو! جيڪڏھن اوھين منھنجي صلاح مڃيو ھا ۽ ڪريتيءَ وٽان نہ ھلو ھا تہ ھي نقصان ۽ تڪليف اسان کي نہ رسي ھا.

22 ھاڻي آءٌ اوھان کي صلاح ٿو ڏيان تہ دل نہ لاھيو، ڇالاءِ⁠جو اوھان مان ڪنھن کي بہ جيءَ جو جوکو نہ ٿيندو، رڳو جھاز تباھہ ٿيندو.

23 ڇاڪاڻ⁠تہ جنھن خدا جو آءٌ ٻانھو آھيان ۽ جنھن جي آءٌ عبادت ٿو ڪريان، تنھن جو ملائڪ رات منھنجي ڀرسان اچي بيٺو

24 ۽ چيائين تہ ’اي پولس! ڊڄ نہ، تون ضرور قيصر جي اڳيان پيش ٿيندين ۽ ڏس، ھي جيڪي ماڻھو جھاز ۾ تو سان گڏ آھن، تن سڀني کي خدا تنھنجي خاطر بچايو آھي.‘