رسولن جا ڪم 27:21-27 SCLNT

21 جڏھن ماڻھن کي کاڌي کان سواءِ ڪيترائي ڏينھن گذري ويا، تڏھن پولس انھن جي اڳيان اٿي بيھي چيو تہ ”دوستو! جيڪڏھن اوھين منھنجي صلاح مڃيو ھا ۽ ڪريتيءَ وٽان نہ ھلو ھا تہ ھي نقصان ۽ تڪليف اسان کي نہ رسي ھا.

22 ھاڻي آءٌ اوھان کي صلاح ٿو ڏيان تہ دل نہ لاھيو، ڇالاءِ⁠جو اوھان مان ڪنھن کي بہ جيءَ جو جوکو نہ ٿيندو، رڳو جھاز تباھہ ٿيندو.

23 ڇاڪاڻ⁠تہ جنھن خدا جو آءٌ ٻانھو آھيان ۽ جنھن جي آءٌ عبادت ٿو ڪريان، تنھن جو ملائڪ رات منھنجي ڀرسان اچي بيٺو

24 ۽ چيائين تہ ’اي پولس! ڊڄ نہ، تون ضرور قيصر جي اڳيان پيش ٿيندين ۽ ڏس، ھي جيڪي ماڻھو جھاز ۾ تو سان گڏ آھن، تن سڀني کي خدا تنھنجي خاطر بچايو آھي.‘

25 تنھنڪري دوستو! دلجاءِ ڪريو، ڇالاءِ⁠جو منھنجو خدا تي پورو يقين آھي تہ جيئن مون کي چيو اٿس تيئن ئي ٿيندو،

26 ۽ ضرور اسين ڪنھن ٻيٽ تي وڃي پھچنداسين.“

27 چوڏھينءَ جي رات ھئي جو اسين انھيءَ طوفان سان ڌڪجي وڃي ڀونوچ سمنڊ ۾ پياسين، اٽڪل اڌ رات جو وقت ھو جو خلاصين کي اھو گمان ويٺو تہ اسين شايد ڪنھن سڪيءَ جي علائقي کي ويجھا ٿيندا ٿا وڃون.