34 آءٌ اوھان کي عرض ٿو ڪريان تہ مھرباني ڪري ڪجھہ کائو، تہ جيئن اوھان جي جان بچي. ھاڻ اوھان جو وار بہ ونگو نہ ٿيندو.“
35 جڏھن اھو چئي چڪو تہ ماني کڻي سڀني جي اڳيان خدا جو شڪر ڪندي گرھہ ڀڃي کاڌائين.
36 پوءِ ٻين کي بہ دلجاءِ ٿي ۽ ماني کاڌائون.
37 جھاز تي اسين مڙيئي ٻہ سو ڇاھتر ماڻھو سوار ھئاسين.
38 جڏھن انھن کائي ڍءُ ڪيو تہ جھاز تان بار ھلڪو ڪرڻ لاءِ ھنن سموري ڪڻڪ سمنڊ ۾ ڦٽي ڪئي.
39 جڏھن ڏينھن ٿيو تہ خلاصين کي ڪنارو سڃاڻڻ ۾ نہ آيو، پر انھن ھڪ سامونڊي کاري ڏٺي، جنھن جو ڪنارو صاف ھو. سو ھو پاڻ ۾ صلاح ڪرڻ لڳا تہ جيڪڏھن ٿي سگھي تہ جھاز کي انھيءَ ڪناري تي وڃي بيھارجي.
40 پوءِ تہ لنگر ڇوڙي سمنڊ ۾ ڦٽا ڪيائون، ونجھن جا رسا بہ کولي ڇڏيائون ۽ آڳيل وارو سڙھہ واءُ جي رخ تي چاڙھي ڪناري ڏانھن وڌڻ لڳا.