رسولن جا ڪم 27:7-13 SCLNT

7 اسين آھستي آھستي سفر ڪري رھيا ھئاسين، تنھنڪري ڪيترائي ڏينھن لڳي ويا. نيٺ وڏيءَ مشڪل کان پوءِ ڪندوس شھر جي سامھون پھتاسين. واءُ جي زور ڪري اڳتي وڌي نہ سگھياسين. تنھنڪري اسين سلمونيءَ جي اڳيان لنگھي ڪريتي ٻيٽ جي آڙ وٺي ھلڻ لڳاسين،

8 ۽ وڏيءَ مشڪل سان انھيءَ جو ڪنارو ڏيئي ھلندي ھلندي اچي سھڻي نالي بندر تي پھتاسين، جنھن جي ويجھو لسيا جو شھر آھي.

9 اتي اسان کي ڏاڍو وقت لڳي ويو، تان جو روزي جو ڏينھن بہ گذري ويو. ھاڻي تہ جھاز جو سفر بہ ڏاڍو جوکائتو ٿي پيو ھو. تنھنڪري پولس ھنن کي صلاح ڏني تہ

10 ”دوستو! آءٌ سمجھان ٿو تہ ھن سفر ۾ تڪليف ۽ وڏي نقصان ٿيڻ جو انديشو آھي. رڳو مال ۽ جھاز جو نقصان نہ پر حياتيءَ جو بہ خطرو آھي.“

11 پر صوبيدار پولس جي ڳالھين کان وڌيڪ ڪپتان ۽ جھاز جي مالڪ جون ڳالھيون مڃيون.

12 جيئن تہ اھو بندر سياري گذارڻ لاءِ چڱو نہ ھو، تنھنڪري گھڻن اھا صلاح ڏني تہ ھتان اڳتي ھلجي ۽ جي ٿي سگھي تہ سيارو ھلي فينڪس ۾ گذارجي، جيڪو ڪريتيءَ جو بندر آھي ۽ سندس رخ اتر الھندي ۽ ڏکڻ الھندي ڏانھن آھي.

13 جڏھن ڏکڻ جو واءُ آھستي آھستي گھلڻ لڳو، تڏھن ھنن سمجھيو تہ سندن مطلب پورو ٿيو. تنھنڪري ھو جھاز جا لنگر کڻي ڪريتيءَ جو ڪنارو ڏيئي ھليا.