رسولن جا ڪم 28:12-18 SCLNT

12 پوءِ اسين سِراڪوسہ شھر ۾ اچي پھتاسون ۽ اتي ٽي ڏينھن رھياسين.

13 اتان وري اسان پنھنجو سفر شروع ڪيو ۽ ريگيوم شھر ۾ پھتاسين. ٻئي ڏينھن ڏکڻ جو واءُ گھلڻ لڳو ۽ اسين ٻن ڏينھن ۾ پُتيُلي شھر ۾ آياسين.

14 اسان کي اتي ڪي ڀائر مليا جن چيو تہ ”ھڪ ھفتو اسان وٽ ترسو.“

15 جڏھن روم جي ڀائرن اسان جي اچڻ جو ٻڌو تہ ھو اسان سان ملڻ لاءِ اپيُس منڊي چونڪ ۽ ٽسرائي ڳوٺ تائين آيا. جڏھن پولس انھن کي ڏٺو تہ خدا جو شڪر ڪرڻ لڳو ۽ دلي سڪون حاصل ٿيس. اھڙيءَ طرح اسين روم ۾ پھتاسين.

16 جڏھن اسين روم ۾ پھتاسين تہ پولس کي اڪيلي رھڻ جي اجازت ملي، پر ھڪ سپاھي سندس پھري تي ھو.

17 ٽن ڏينھن کان پوءِ پولس اتي جي يھودي اڳواڻن جي گڏجاڻي سڏائي. جڏھن اھي اچي ڪٺا ٿيا تہ ھن کين چيو تہ ”منھنجا ڀائرؤ! جيتوڻيڪ مون پنھنجي قوم وارن ۽ وڏن جي ريتن رسمن خلاف ڪجھہ بہ نہ ڪيو آھي، تہ بہ مون کي يروشلم ۾ گرفتار ڪري رومين جي حوالي ڪيو ويو.

18 انھن مون کان سوال پڇيا ۽ مرضي ھئن تہ مون کي آزاد ڪن، ڇاڪاڻ⁠تہ انھن کي خبر پئجي ويئي تہ مون ڪو اھڙو ڪم نہ ڪيو ھو جنھن سبب مون کي موت جي سزا ملي.