رسولن جا ڪم 28:16-22 SCLNT

16 جڏھن اسين روم ۾ پھتاسين تہ پولس کي اڪيلي رھڻ جي اجازت ملي، پر ھڪ سپاھي سندس پھري تي ھو.

17 ٽن ڏينھن کان پوءِ پولس اتي جي يھودي اڳواڻن جي گڏجاڻي سڏائي. جڏھن اھي اچي ڪٺا ٿيا تہ ھن کين چيو تہ ”منھنجا ڀائرؤ! جيتوڻيڪ مون پنھنجي قوم وارن ۽ وڏن جي ريتن رسمن خلاف ڪجھہ بہ نہ ڪيو آھي، تہ بہ مون کي يروشلم ۾ گرفتار ڪري رومين جي حوالي ڪيو ويو.

18 انھن مون کان سوال پڇيا ۽ مرضي ھئن تہ مون کي آزاد ڪن، ڇاڪاڻ⁠تہ انھن کي خبر پئجي ويئي تہ مون ڪو اھڙو ڪم نہ ڪيو ھو جنھن سبب مون کي موت جي سزا ملي.

19 انھيءَ لاءِ ⁠نہ⁠تہ پنھنجي قوم تي ڪا تھمت ھڻان، پر جڏھن يھودين ھن فيصلي تي اعتراض ڪيو تڏھن لاچار ٿي مون کي قيصر وٽ اپيل ڪرڻي پيئي.

20 اھو ئي سبب ھو جو مون اوھان کي پاڻ وٽ گھرايو آھي تہ اوھان سان ملان ۽ ويھي ڳالھہ ٻولھہ ڪريان. مون کي مسيح جي خاطر زنجيرن ۾ ٻڌو اٿن، جنھن تي بني اسرائيل اميد رکن ٿا.“

21 انھن کيس چيو تہ ”يھوديہ مان اسان کي تنھنجي باري ۾ ڪو خط پٽ نہ مليو آھي ۽ نہ ئي آيل ڀائرن مان ڪنھن تو بابت ڪجھہ ٻڌايو آھي يا تنھنجي ڪا گلا ڪئي آھي.

22 پر اسين تنھنجا خيال ٻڌڻ گھرون ٿا، ڇالاءِ⁠جو اسان کي خبر آھي تہ جنھن فرقي سان تون واسطو رکين ٿو، تنھن فرقي جي جتي ڪٿي مخالفت ھلي ٿي.“