2 اتان جي رھاڪن اسان تي ڏاڍي مھرباني ڪئي. انھيءَ مھل مينھن ۽ سيءُ پئي پيو، سو انھن باھہ ٻاري اسان جو آڌرڀاءُ ڪيو.
3 پولس ڪجھہ ڪاٺيون کڻي باھہ ۾ وڌيون تہ انھيءَ مان تپش جي ڪري ھڪڙو نانگ ٻاھر نڪتو، جيڪو پولس جي ھٿ ۾ چڪ پائي چنبڙي پيو.
4 جڏھن اتان جي رھاڪن ڏٺو تہ پولس جي ھٿ ۾ نانگ چنبڙيل آھي، تڏھن ھڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”پڪ ھي ماڻھو خوني آھي. جيتوڻيڪ ھو سمنڊ مان بچي نڪتو آھي، پر خدا جو قھر ھن کي جيئرو رھڻ نہ ڏيندو.“
5 پولس ھٿ ڇنڊي اھا بلا باھہ ۾ اڇلائي ڇڏي ۽ کيس بلا کان ڪوبہ ايذاءُ نہ پھتو.
6 اھي ھن انتظار ۾ ھئا تہ پولس سُڄي پوندو يا اوچتو ڪري مري ويندو. پر انھن جڏھن گھڻو وقت انتظار ڪيو ۽ ڏٺائون تہ ھن کي ڪجھہ بہ نہ ٿيو تہ ھنن پنھنجا خيال بدلايا ۽ چيائون تہ ”ھي ڪو ديوتا آھي.“
7 اتي ڀرسان ئي انھيءَ ٻيٽ جي سردار پبليس جي جاگير ھئي. ھن اسان جي سٺي آجيان ڪئي ۽ اسين ھن جا ٽي ڏينھن مھمان ٿي رھياسين.
8 پبليس جو پيءُ بخار ۽ پيچش جي ڪري بستري داخل ھو. پولس ھن جي ڪمري ۾ ويو ۽ دعا ڪيائين. پوءِ پنھنجا ھٿ مٿانئس رکيائين ۽ کيس شفا بخشيائين.