رسولن جا ڪم 28:23-31 SCLNT

23 سو انھن پولس سان تاريخ مقرر ڪئي ۽ انھن جو وڏو تعداد انھيءَ جاءِ تي آيو، جتي پولس ٽڪيل ھو. صبح کان شام تائين ھو کين سمجھائيندو ۽ خدا جي بادشاھت بابت پنھنجو پيغام ٻڌائيندو رھيو. ھن عيسيٰ بابت کين قائل ڪرڻ لاءِ موسيٰ جي شريعت ۽ نبين جي صحيفن مان مثال ٻڌايا.

24 انھن مان ڪي سندس پيغام ٻڌي قائل ٿيا، پر ٻين ايمان نہ آندو.

25 ھو پاڻ ۾ بہ يڪراءِ نہ ٿيا ۽ وڃڻ تي ھئا، تہ پولس ھيءَ ھڪڙي ڳالھہ چين تہ ”پاڪ روح يسعياہ نبيءَ جي معرفت اوھان جي ابن ڏاڏن کي چڱو چيو ھو تہ

26 ’تون وڃي ھن قوم کي ھيئن چئُہ تہ اوھين ٻڌندا پر سمجھندا ڪين.اوھين نھاريندا پر ڏسندا ڪين.

27 ڇالاءِ⁠جو ھن قوم جي عقل تي تالو لڳايو ويو آھي،۽ اھي ڪنن کان گھٻرا ٿي پيا آھن.انھن پنھنجون اکيون پوري ڇڏيون آھن،تہ متان اھي پنھنجن اکين سان ڏسن،متان اھي پنھنجن ڪنن سان ٻڌن،متان اھي پنھنجي عقل سان سمجھن۽ مون آڏو توبھہ⁠تائب ٿين تہ آءٌ کين ڇٽائي چڱو ڀلو ڪريان.‘“

30 پولس ٻہ ورھيہ انھيءَ جاءِ ۾ رھيو، جيڪا ھن پنھنجي لاءِ مسواڙ تي ورتي ھئي. ھو انھن جي آجيان ڪندو ھو جيڪي ساڻس ملڻ ايندا ھئا.

31 ھو ڪنھن بہ رنڊڪ کان سواءِ ڏاڍيءَ ھمت سان خدا جي بادشاھت جي تبليغ ڪندو ھو ۽ خداوند عيسيٰ مسيح بابت تعليم ڏيندو ھو.