رسولن جا ڪم 28:6-12 SCLNT

6 اھي ھن انتظار ۾ ھئا تہ پولس سُڄي پوندو يا اوچتو ڪري مري ويندو. پر انھن جڏھن گھڻو وقت انتظار ڪيو ۽ ڏٺائون تہ ھن کي ڪجھہ بہ نہ ٿيو تہ ھنن پنھنجا خيال بدلايا ۽ چيائون تہ ”ھي ڪو ديوتا آھي.“

7 اتي ڀرسان ئي انھيءَ ٻيٽ جي سردار پبليس جي جاگير ھئي. ھن اسان جي سٺي آجيان ڪئي ۽ اسين ھن جا ٽي ڏينھن مھمان ٿي رھياسين.

8 پبليس جو پيءُ بخار ۽ پيچش جي ڪري بستري داخل ھو. پولس ھن جي ڪمري ۾ ويو ۽ دعا ڪيائين. پوءِ پنھنجا ھٿ مٿانئس رکيائين ۽ کيس شفا بخشيائين.

9 جڏھن ھي ڪم ٿيو تڏھن ٻيٽ ۾ جيڪي ⁠بہ بيمار ھئا، تن کي پولس وٽ آندو ويو تہ کين شفا ملي.

10 انھن اسان جي وڏي عزت ڪئي ۽ جڏھن اسان جو سامونڊي جھاز ھلڻ تي ھو تہ انھن اسان جي سفر ۾ ڪم ايندڙ شيون جھاز ۾ رکي ڇڏيون.

11 اھڙيءَ طرح ٽن مھينن کان پوءِ اسين اسڪندريہ جي ھڪڙي سامونڊي جھاز تي چڙھي روانا ٿياسين، جنھن جو نالو ”جوزا“ ھو. انھيءَ جھاز سڄو سيارو ٻيٽ ۾ گذاريو ھو.

12 پوءِ اسين سِراڪوسہ شھر ۾ اچي پھتاسون ۽ اتي ٽي ڏينھن رھياسين.