رسولن جا ڪم 3:10-16 SCLNT

10 انھن ھن کي سڃاتو تہ ھي اھو پينو فقير آھي، جيڪو ھيڪل جي سھڻي دروازي وٽ ويٺو پنندو ھو. اھي سڀيئي ھن کي ڏسي عجب ۽ حيرت ۾ پئجي ويا.

11 اڃا ھو پطرس ۽ يوحنا کي جھليو بيٺو ھو تہ سڀيئي ماڻھو ڏاڍي حيرت ۾ پئجي انھيءَ ورانڊي ۾ وٽن اچي گڏ ٿيا، جنھن کي سليماني ورانڊو ڪري سڏيندا آھن.

12 جڏھن پطرس اھو حال ڏٺو، تڏھن ماڻھن کي چيائين تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! ھن ماڻھوءَ تي عجب ڇو ٿو لڳيوَ؟ اسان ڏانھن گھوري ڇو ٿا نھاريو؟ ڇا اسان ھن کي پنھنجيءَ قدرت ۽ دينداريءَ جي ڪري گھمڻ جي طاقت ڏني آھي؟

13 ابراھيم، اسحاق ۽ يعقوب جي خدا ۽ اسان جي وڏن جي خدا پنھنجي ٻانھي عيسيٰ کي جلال بخشيو، پر اوھان ھن کي پڪڙايو ۽ کيس پلاطس جي درٻار ۾ رد ڪيو، جيتوڻيڪ پلاطس ھن کي ڇڏي ڏيڻ جو ارادو ڪيو ھو.

14 ھو پاڪ ۽ سچار ھو، پر اوھان کيس رد ڪري ھڪ خونيءَ کي آزاد ڪرڻ جو عرض ڪيو.

15 اھڙيءَ طرح اوھان زندگيءَ جي مالڪ کي مارائي ڇڏيو. پر خدا کيس مئلن مان وري جيئرو ڪيو ۽ اسين انھيءَ ڳالھہ جا شاھد آھيون.

16 اھا عيسيٰ جي نالي جي قدرت ۽ مٿس ايمان ئي آھي جنھن ھن منڊي ماڻھوءَ کي گھمڻ جي طاقت ڏني، جنھن کي اوھين ڏسو ۽ سڃاڻو ٿا. اھو عيسيٰ جو نالو ۽ مٿس ايمان ئي آھي، جنھن ھن کي چڱو ڀلو ڪيو ۽ اوھين پاڻ ھن کي چڱيءَ طرح ڏسي سگھو ٿا.