رسولن جا ڪم 3:15-21 SCLNT

15 اھڙيءَ طرح اوھان زندگيءَ جي مالڪ کي مارائي ڇڏيو. پر خدا کيس مئلن مان وري جيئرو ڪيو ۽ اسين انھيءَ ڳالھہ جا شاھد آھيون.

16 اھا عيسيٰ جي نالي جي قدرت ۽ مٿس ايمان ئي آھي جنھن ھن منڊي ماڻھوءَ کي گھمڻ جي طاقت ڏني، جنھن کي اوھين ڏسو ۽ سڃاڻو ٿا. اھو عيسيٰ جو نالو ۽ مٿس ايمان ئي آھي، جنھن ھن کي چڱو ڀلو ڪيو ۽ اوھين پاڻ ھن کي چڱيءَ طرح ڏسي سگھو ٿا.

17 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! ھاڻي آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوھان ۽ اوھان جي اڳواڻن جيڪي ڪجھہ عيسيٰ سان ڪيو، سو اڻ⁠ڄاڻائيءَ جي ڪري ڪيو.

18 اھڙيءَ طرح خدا جيڪو اڳي سڀني نبين جي معرفت چيو ھو تہ ’سندس مسيح تڪليفون سھندو،‘ سو سچ ثابت ٿيو.

19 تنھنڪري توبھہ ڪريو ۽ خدا ڏانھن اچو تہ اوھان جا گناھہ ميٽجي وڃن،

20 تان تہ خداوند جي حضور مان تازگيءَ جا ڏينھن اچن ۽ ھو عيسيٰ کي موڪلي جيڪو اوھان لاءِ اڳي ئي مسيح مقرر ٿيل آھي.

21 ھو تيستائين ضرور آسمان ۾ رھندو، جيستائين سڀني ڳالھين جي وري نئين سر ٿيڻ جا ڏينھن اچن، جن بابت خدا پنھنجي پاڪ نبين جي معرفت گھڻو اڳي چيو ھو.