1 پطرس ۽ يوحنا اڃا ماڻھن سان ڳالھايو ئي بيٺي تہ ڪاھن، ھيڪل جو صوبيدار ۽ صدوقي انھن تي چڙھي آيا.
2 اھي اچي مٿن ڪاوڙيا، ڇالاءِجو ھنن عيسيٰ جو مثال ڏيئي ماڻھن کي تعليم پئي ڏني تہ مئلن کي وري جيئرو ڪيو ويندو.
3 سو ھنن ٻنھي رسولن کي پڪڙيو، پر جيئن تہ سانجھي ٿي ويئي ھئي، تنھنڪري ٻئي ڏينھن صبح تائين ھنن کي جيل ۾ رھايو ويو.
4 تنھن ھوندي بہ پيغام ٻڌندڙن مان ڪيترن ئي ايمان آندو. اھڙيءَ طرح ايمان آڻيندڙن جي جماعت جو تعداد اٽڪل پنج ھزار ٿي ويو.
5 ٻئي ڏينھن صبح جو يھودين جا اڳواڻ، بزرگ ۽ شريعت جا عالم اچي يروشلم ۾ گڏ ٿيا.
6 وڏو سردار ڪاھن حنا ۽ ھن سان گڏ قائفا، يوحنا، سڪندر ۽ ٻيا جيڪي سردار ڪاھن جا مٽ مائٽ ھئا سي بہ اتي موجود ھئا.