2 اھي اچي مٿن ڪاوڙيا، ڇالاءِجو ھنن عيسيٰ جو مثال ڏيئي ماڻھن کي تعليم پئي ڏني تہ مئلن کي وري جيئرو ڪيو ويندو.
3 سو ھنن ٻنھي رسولن کي پڪڙيو، پر جيئن تہ سانجھي ٿي ويئي ھئي، تنھنڪري ٻئي ڏينھن صبح تائين ھنن کي جيل ۾ رھايو ويو.
4 تنھن ھوندي بہ پيغام ٻڌندڙن مان ڪيترن ئي ايمان آندو. اھڙيءَ طرح ايمان آڻيندڙن جي جماعت جو تعداد اٽڪل پنج ھزار ٿي ويو.
5 ٻئي ڏينھن صبح جو يھودين جا اڳواڻ، بزرگ ۽ شريعت جا عالم اچي يروشلم ۾ گڏ ٿيا.
6 وڏو سردار ڪاھن حنا ۽ ھن سان گڏ قائفا، يوحنا، سڪندر ۽ ٻيا جيڪي سردار ڪاھن جا مٽ مائٽ ھئا سي بہ اتي موجود ھئا.
7 انھن پطرس ۽ يوحنا کي پنھنجي اڳيان بيھاري پڇيو تہ ”ڪنھن جي قدرت سان يا ڪنھن جي نالي تي اوھان اھو ڪم ڪيو آھي؟“
8 تنھن تي پطرس پاڪ روح سان ڀرجي چوڻ لڳو تہ ”اي امت جا حاڪمو ۽ بزرگو!