25 تو پاڪ روح جي وسيلي پنھنجي ٻانھي ۽ اسان جي وڏي دائود جي واتان چوايو ھو تہ’غير قومن ڇو گوڙ مچايو؟ماڻھن ڇو اجايا خيال ڪيا؟
26 دنيا جا بادشاھہ تيار ٿي آيا،حاڪم اچي گڏ ٿيا۽ خداوند ۽ سندس مسيح سانمقابلو ڪرڻ لڳا.‘
27 سچپچ تہ ھن شھر ۾ تنھنجو پاڪ ٻانھو عيسيٰ جنھن کي تو مسيح مقرر ڪيو، تنھن جي خلاف گليل جو حاڪم ھيروديس ۽ پنطيس پلاطس، غير قومن ۽ بني اسرائيل جي ماڻھن سميت اچي گڏ ٿيا.
28 اھو انھيءَ لاءِ ٿيو تہ جيڪي تنھنجي ھٿان ۽ تنھنجي مرضيءَ موجب اڳي ئي مقرر ٿيل ھو سو پورو ٿئي.
29 ھاڻي اي خداوند! تون ھنن جي دڙڪن تي نظر ڪر ۽ اسين، جيڪي تنھنجا ٻانھا آھيون تن کي اھڙي توفيق ڏي تہ جيئن اسين بيڊپا ٿي تنھنجو ڪلام ماڻھن کي ٻڌايون.
30 تون پنھنجي شفا جو ھٿ ڊگھير ۽ پنھنجي پاڪ ٻانھي عيسيٰ جي نالي تي معجزا ۽ ڪرامتون ڏيکار.“
31 جڏھن انھن دعا گھري پوري ڪئي تہ اھا جاءِ ڌڏي ويئي جتي ھو گڏ ٿيا ھئا. اھي سڀيئي پاڪ روح سان ڀرجي ويا ۽ بيڊپا ٿي خدا جو ڪلام ٻڌائڻ لڳا.