29 ھاڻي اي خداوند! تون ھنن جي دڙڪن تي نظر ڪر ۽ اسين، جيڪي تنھنجا ٻانھا آھيون تن کي اھڙي توفيق ڏي تہ جيئن اسين بيڊپا ٿي تنھنجو ڪلام ماڻھن کي ٻڌايون.
30 تون پنھنجي شفا جو ھٿ ڊگھير ۽ پنھنجي پاڪ ٻانھي عيسيٰ جي نالي تي معجزا ۽ ڪرامتون ڏيکار.“
31 جڏھن انھن دعا گھري پوري ڪئي تہ اھا جاءِ ڌڏي ويئي جتي ھو گڏ ٿيا ھئا. اھي سڀيئي پاڪ روح سان ڀرجي ويا ۽ بيڊپا ٿي خدا جو ڪلام ٻڌائڻ لڳا.
32 ايمان وارن جي سڄي ٽولي دل وَ جان سان گڏ ھئي ۽ منجھائن ڪوبہ ائين نہ پيو چوي تہ ”ھيءَ شيءِ منھنجي آھي،“ پر ھو سڀني شين ۾ ھڪجھڙا ڀائيوار ھئا.
33 رسول وڏيءَ قدرت سان خداوند عيسيٰ جي وري جيئري ٿيڻ جي شاھدي ڏيندا ھئا ۽ انھن سڀني تي خدا جو ڏاڍو فضل ھو.
34 سڄي ٽوليءَ ۾ اھڙو ڪوبہ ڪونہ ھو جنھن کي ڪنھن شيءِ جي محتاجي ھجي، ڇالاءِجو جن ماڻھن کي ٻنيون يا گھر ھئا سي اھي وڪڻي، پيسا آڻي
35 رسولن جي اڳيان رکندا ھئا، تہ ھو اھي پيسا ھر ھڪ کي گھرج آھر ڏين.