34 سڄي ٽوليءَ ۾ اھڙو ڪوبہ ڪونہ ھو جنھن کي ڪنھن شيءِ جي محتاجي ھجي، ڇالاءِجو جن ماڻھن کي ٻنيون يا گھر ھئا سي اھي وڪڻي، پيسا آڻي
35 رسولن جي اڳيان رکندا ھئا، تہ ھو اھي پيسا ھر ھڪ کي گھرج آھر ڏين.
36 يوسف نالي ھڪ لاوي ھو جنھن جو وطن قبرص ھو، تنھن کي رسولن برنباس جو لقب ڏنو ھو، جنھن جي معنيٰ آھي ”ھمتافزائي ڪندڙ.“
37 انھيءَ وٽ ھڪڙي ٻني ھئي، جا ھن وڪڻي ان جا پيسا آڻي رسولن جي اڳيان رکيا.