رسولن جا ڪم 5:22-28 SCLNT

22 پر جڏھن سپاھي اتي پھتا تہ انھن جيل ۾ رسولن کي نہ ڏٺو. سو اھي ڪائونسل ڏانھن موٽي آيا ۽ ٻڌايائون تہ

23 ”جڏھن اسين اتي پھتاسون تہ اسان جيل کي چڱيءَ طرح ڪلف لڳل ڏٺو ۽ سڀ پھريدار دروازن تي پھرو ڏيئي رھيا ھئا. پر جڏھن اسان دروازا کوليا تہ اسان کي اندر ڪوبہ ماڻھو ڏسڻ ۾ نہ آيو.“

24 جڏھن ھيڪل جي صوبيدار ۽ سردار ڪاھنن اھا ڳالھہ ٻڌي تڏھن وائڙا ٿي ويا.

25 ايتري ۾ ھڪ ماڻھو اندر آيو، جنھن اچي کين ٻڌايو تہ ”ڳالھہ ٻڌي اٿوَ، جن ماڻھن کي اوھان جيل ۾ وڌو ھو، سي ھيڪل ۾ بيٺا ماڻھن کي تعليم پيا ڏين.“

26 سو صوبيدار پنھنجن سپاھين سان وڃي رسولن کي موٽائي وٺي آيو. سپاھين رسولن سان ڪابہ زيادتي نہ ڪئي، ڇوتہ ھو ڊڄن پيا تہ متان ماڻھو ساڻن وڙھن.

27 ھنن رسولن کي آڻي ڪائونسل جي اڳيان بيھاريو. وڏي سردار ڪاھن کانئن پڇا ڳاڇا ڪندي

28 کين چيو تہ ”اسان اوھان کي سخت تاڪيد ڪيو ھو تہ ھن ماڻھوءَ جي نالي تي تعليم نہ ڏيو. پر اٽلندو اوھان سڄي يروشلم ۾ پنھنجي تعليم پکيڙي ڇڏي آھي، جنھن ۾ اسان کي انھيءَ جي موت جو ذميوار بہ بڻايو ٿا.“