رسولن جا ڪم 5:31-37 SCLNT

31 نہ رڳو ايترو پر خدا کيس مالڪ ۽ ڇوٽڪارو ڏيندڙ بنائڻ لاءِ پنھنجي ساڄي پاسي ڏانھن سربلند ڪيو، تہ جيئن بني اسرائيل کي توبھہ ڪرڻ جي توفيق ملي ۽ سندن گناھہ بخشجي وڃن.

32 اسين انھن ڳالھين جا شاھد آھيون ۽ پاڪ روح بہ، جو خدا انھن کي ڏنو آھي جيڪي سندس فرمانبردار آھن.“

33 جڏھن ڪائونسل جي ماڻھن اھو ٻڌو تہ اھي ايترا تہ ڪاوڙيا جو رسولن کي مارڻ لاءِ تيار ٿي ويا.

34 پر انھن مان گملي⁠ايل نالي ھڪڙو فريسي، جيڪو شريعت جو عالم ھو ۽ سڀني ماڻھن ۾ عزت ھئس، سو ڪائونسل جي اڳيان اٿي بيٺو ۽ رسولن کي ٿوري وقت لاءِ ٻاھر وٺي وڃڻ جو حڪم ڏنائين.

35 پوءِ ھن ڪائونسل کي چيو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! اوھين ھنن سان جيڪي ڪريو، سو سنڀالي ڪريو.

36 ڪجھہ وقت اڳي ٿيوداس نالي ھڪڙو شخص ظاھر ٿيو ھو، جنھن دعويٰ ڪئي ھئي تہ ھو ھڪ وڏي ھستي آھي. چار ⁠سؤ کن ماڻھو سندس پوئلڳ بہ بڻيا. پر جڏھن ھو ماريو ويو تہ سندس سڀ پوئلڳ ڇڙوڇڙ ٿي ويا ۽ سندس منصوبو مٽيءَ ۾ ملي ويو.

37 ان کان پوءِ آدم شماريءَ جي ڏينھن ۾ يھوداہ گليلي ظاھر ٿيو ۽ ھن ڪيترائي ماڻھو پنھنجا پوئلڳ بڻايا، سو بہ چٽ ٿي ويو ۽ سندس سڀيئي پوئلڳ ڇڙوڇڙ ٿي ويا.