4 پوءِ اسين پاڻ سمورو وقت دعا ۽ تبليغ جي ڪم ۾ گذارينداسين.“
5 رسولن جي صلاح تي سڄو ٽولو خوش ٿيو. سو انھيءَ ٽولي ھنن ماڻھن کي چونڊيو: استيفنس، جيڪو ايمان ۽ پاڪ روح سان ڀريل ھو، فلپس، پرخرس، نيڪانور، تيمون، پرمناس ۽ نيڪلاوءس جيڪو انتاڪيا جو رھاڪو ھو ۽ اڳ غير يھودي ھو.
6 ٽولي انھن کي رسولن جي اڳيان حاضر ڪيو، جن دعا گھري ۽ پنھنجا ھٿ انھن تي رکيا.
7 اھڙيءَ طرح خدا جو ڪلام پکڙبو ويو ۽ يروشلم ۾ شاگردن جو تعداد بہ وڌندو ويو. ان کان علاوہ ڪاھنن جي ھڪ وڏي ٽولي پڻ ايمان آندو.
8 استيفنس خدا جي فضل ۽ قدرت سان ڀرجي ماڻھن ۾ ڪيترائي وڏا معجزا ۽ ڪرامتون ڪرڻ لڳو.
9 پر ڪن ماڻھن سندس مخالفت ڪئي، جن مان ڪي ”آزاد ٿيل ماڻھن جو عبادتخانو“ نالي ھڪ يھودي عبادتخاني جا ميمبر ھئا ۽ ڪريني ۽ اسڪندريہ کان آيا ھئا ۽ ڪي وري ڪلڪيا ۽ ايشيا پرڳڻي جا ھئا.
10 پر پاڪ روح استيفنس کي اھڙي سياڻپ ڏني جو جڏھن ھن ڳالھايو تہ اھي سندس مقابلو ڪري نہ سگھيا.