رسولن جا ڪم 6:5-11 SCLNT

5 رسولن جي صلاح تي سڄو ٽولو خوش ٿيو. سو انھيءَ ٽولي ھنن ماڻھن کي چونڊيو: استيفنس، جيڪو ايمان ۽ پاڪ روح سان ڀريل ھو، فلپس، پرخرس، نيڪانور، تيمون، پرمناس ۽ نيڪلاوء⁠س جيڪو انتاڪيا جو رھاڪو ھو ۽ اڳ غير يھودي ھو.

6 ٽولي انھن کي رسولن جي اڳيان حاضر ڪيو، جن دعا گھري ۽ پنھنجا ھٿ انھن تي رکيا.

7 اھڙيءَ طرح خدا جو ڪلام پکڙبو ويو ۽ يروشلم ۾ شاگردن جو تعداد بہ وڌندو ويو. ان کان علاوہ ڪاھنن جي ھڪ وڏي ٽولي پڻ ايمان آندو.

8 استيفنس خدا جي فضل ۽ قدرت سان ڀرجي ماڻھن ۾ ڪيترائي وڏا معجزا ۽ ڪرامتون ڪرڻ لڳو.

9 پر ڪن ماڻھن سندس مخالفت ڪئي، جن مان ڪي ”آزاد ٿيل ماڻھن جو عبادت⁠خانو“ نالي ھڪ يھودي عبادت⁠خاني جا ميمبر ھئا ۽ ڪريني ۽ اسڪندريہ کان آيا ھئا ۽ ڪي وري ڪلڪيا ۽ ايشيا پرڳڻي جا ھئا.

10 پر پاڪ روح استيفنس کي اھڙي سياڻپ ڏني جو جڏھن ھن ڳالھايو تہ اھي سندس مقابلو ڪري نہ سگھيا.

11 تنھن تي ھنن ڪن ماڻھن کي رشوت ڏيئي سيکاريو تہ اھي چون تہ ”اسان ھن کي موسيٰ ۽ خدا بابت ڪفر جون ڳالھيون ڪندي ٻڌو آھي.“