1 وڏي سردار ڪاھن استيفنس کان پڇيو تہ ”ڇا اھو سچ آھي؟“
2 تنھن تي استيفنس جواب ڏنو تہ ”اي ڀائرو ۽ بزرگو! منھنجي ٻڌو. خداءِذوالجلال اسان جي وڏي ابراھيم تي ان وقت ظاھر ٿيو، جڏھن حاران ۾ رھڻ کان اڳ ھو مسوپتاميہ ۾ رھندو ھو.
3 خدا کيس چيو تہ ’پنھنجو ڪٽنب ۽ وطن ڇڏي انھيءَ ملڪ ڏانھن وڃ جيڪو آءٌ تو کي ڏيکاريندس.‘
4 تنھنڪري ھو ڪسدين جي ملڪ کي ڇڏي وڃي حاران ۾ رھڻ لڳو. جڏھن سندس پيءُ مري ويو تڏھن خدا کيس ھن ملڪ ۾ وٺي آيو، جتي اڄ تائين اوھين رھندا ٿا اچو.
5 خدا ابراھيم کي ھن ملڪ ۾ زمين جو ٽڪرو بہ نہ ڏنو، بلڪ ھڪ انچ بہ نہ. پر خدا ساڻس واعدو ڪيو تہ ’اھو ملڪ تو کي ۽ تو کان پوءِ تنھنجي اولاد کي ملڪيت ڪري ڏيندس،‘ جيتوڻيڪ کيس ڪوبہ اولاد ڪونہ ھو.