رسولن جا ڪم 7:29-35 SCLNT

29 موسيٰ ھي ٻڌي وٺي ڀڳو ۽ مديان جي ملڪ ۾ وڃي اجنبي ٿي رھيو، جتي کيس ٻہ پٽ ڄاوا.

30 جڏھن چاليھہ سال گذريا تہ ھن کي ھڪڙي ملائڪ سينا جبل جي ويجھو بيابان ۾ ڏيکاري ڏني، جيڪو ٻرندڙ ٻوڙي مان ظاھر ٿيو.

31 موسيٰ ھي نظارو ڏسي حيرت ۾ پئجي ويو ۽ جڏھن ھو ان کي ڏسڻ جي لاءِ ويجھو ويو، تڏھن ھن خداوند جو آواز ٻڌو تہ

32 ’آءٌ تنھنجي ابن ڏاڏن جو خدا، ابراھيم، اسحاق ۽ يعقوب جو خدا آھيان.‘ موسيٰ ڏڪي ويو ۽ ان کي ڏسڻ جي ھمت نہ ٿيس.

33 خداوند ھن کي چيو تہ ’پنھنجي جتي لاھہ، ڇالاءِ⁠جو جنھن جاءِ تي تون بيٺو آھين سا ھڪ پاڪ زمين آھي.

34 بيشڪ مون پنھنجن ماڻھن سان مصر ۾ ظلم ٿيندي ڏٺو آھي، مون انھن جي آھہ ٻڌي آھي ۽ کين بچائڻ لاءِ آيو آھيان. ھاڻي اچ تہ آءٌ تو کي مصر ڏانھن موڪليان.‘

35 اھو ئي موسيٰ جنھن کي بني اسرائيل قبول نہ ڪيو، بلڪ چيائونس تہ ’ڪنھن تو کي اسان تي حاڪم ۽ منصف مقرر ڪيو آھي؟‘ تنھن کي ئي خدا حاڪم ۽ بچائيندڙ بڻائي، انھيءَ ملائڪ جي وسيلي موڪليو، جنھن ھن کي ٻرندڙ ٻوڙي ۾ ڏيکاري ڏني ھئي.