4 تنھنڪري ھو ڪسدين جي ملڪ کي ڇڏي وڃي حاران ۾ رھڻ لڳو. جڏھن سندس پيءُ مري ويو تڏھن خدا کيس ھن ملڪ ۾ وٺي آيو، جتي اڄ تائين اوھين رھندا ٿا اچو.
5 خدا ابراھيم کي ھن ملڪ ۾ زمين جو ٽڪرو بہ نہ ڏنو، بلڪ ھڪ انچ بہ نہ. پر خدا ساڻس واعدو ڪيو تہ ’اھو ملڪ تو کي ۽ تو کان پوءِ تنھنجي اولاد کي ملڪيت ڪري ڏيندس،‘ جيتوڻيڪ کيس ڪوبہ اولاد ڪونہ ھو.
6 خدا ھيئن بہ چيو تہ ’تنھنجو اولاد ھڪڙي ڌارئي ملڪ ۾ وڃي رھندو، جتي انھن کي چار سؤ سال غلاميءَ ۾ گذرندا ۽ انھن سان ماڻھو خراب ھلت ھلندا.‘
7 وري خدا ھيئن بہ چيو تہ ’جنھن قوم جي غلاميءَ ۾ ھو رھندا تنھن کي آءٌ سزا ڏيندس. تنھن کان پوءِ ھو اتان نڪري اچي ھن ھنڌ منھنجي عبادت ڪندا.‘
8 پوءِ خدا ابراھيم لاءِ طھر کي انھيءَ عھد جي نشانيءَ طور مقرر ڪيو. تنھنڪري ابراھيم پنھنجي پٽ اسحاق جو سندس ڄمڻ کان اٺين ڏينھن تي طھر ڪرايو. اسحاق مان يعقوب ۽ يعقوب مان ٻارھن پٽ پيدا ٿيا، جيڪي ٻارھن قبيلن جا بزرگ ٿيا، تن سڀني جو بہ طھر ڪرايو ويو.
9 اھي بزرگ پنھنجي ڀاءُ يوسف تي ساڙ کائڻ لڳا ۽ کيس انھن ماڻھن وٽ وڪيائون، جيڪي ھن کي غلام ڪري مصر ڏانھن وٺي ويا. پر خدا ھن ساڻ ھو
10 ۽ کيس سڀني مصيبتن مان سلامتيءَ سان پار ڪيائين ۽ دانائي بخشيائينس، جنھن ڪري ھو مصر جي بادشاھہ فرعون وٽ قبول پيو. فرعون يوسف کي مصر جو حاڪم ۽ پنھنجي محلات جو مالڪ بڻايو.